آغا شاھي

آغا شاھي

آغا شاهي

آغا شاھي: پاڪستان جو اڳوڻو پرڏيهي معاملن جو وزير آغا شاھي، 1920ع ۾ بئنگلور (ڀارت ) ۾ ڄائو، مدراس يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ۽ الهه آباد يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بيءَ جا امتحان پاس ڪيائين. 1943ع ۾ انڊين سول سروس ۾ شامل ٿيو. 50-1949ع ڌاري ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر رھيو. 1951ع ۾ پاڪستان جي پرڏيھي معاملن واري آفيس سان وابسته ٿيو ۽ 1958ع ۾ واشنگٽن ۾ ڪائونسلر مقرر ٿيو، 1961ع ۾ چين جو سفير ۽ 1973ع ۾ پرڏيھي معاملن واري وزارت جو سيڪريٽري ٿيو. 1977ع ۾ اقوام متحده جي نسلي امتياز جي خاتمي واري ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو، کيس 1960ع ۾ تمغه پاڪستان جو اعزاز ۽ 1964 ع ۾ ستاره قائداعظم مليو، جنرل اسيمبليءَ جو مستقل نمائندو به رھيو. پرڏيھي معاملن جو نائب وزير مملڪت ۽ ان کان پوءِ 1980ع کان 1982ع تائين پاڪستان جي پرڏيھي معاملن جو وزير رھيو. آغا شاهي 6 سيپٽمبر 2006ع تي اسلام آباد ۾ گذاري ويو.


لفظ آغا شاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.00.00  عيسوي

آغا شاھي،1920ع ۾ بئنگلور( ڀارت ) ۾ ڄائو


2006.09.06  عيسوي

آغا شاهي 6 سيپٽمبر 2006ع تي اسلام آباد ۾ گذاري ويو.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
ارباب ذڪاءُ الله
اختر علي جي قاضي
آغا سراج خان دراني
الاهي بخش سومرو
بلاول ڀٽو زرداري
احمد علي مجذوب
عبدالواحد آريسر
ارباب غلام رحيم
ايوب کهڙو
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون